ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپين جي گهٽتائي

 سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ سوين رپين جي گهٽتائي ٿي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جو في تولو اگهه 1400 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 2 لک 39 هزار 600 رپيا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام جو اگهه 1201 رپيا گهٽتائي کانپوءِ 2 لک 5 هزار 418 رپيا ٿي ويو آهي. هوڏانهن عالمي منڊي ۾ سون جو اگهه 11 ڊالرن جي گهٽجڻ کانپوءِ 2277 ڊالر في اونس ٿي ويو.