ڪراچي: ملڪ ۾ سون جي في تولي اگهن ۾ ٻن ڏينهن جي گهٽتائي کانپوءِ وري واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.اڄ سون جي اگهن ۾ ڪالهه واري اگهن کان 500 رپيا واڌ ڏٺي وئي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسي ايشن موجب هڪ في تولو سون جو ملهه 500 رپيا وڌي هڪ لک 96 هزار 100 رپيا ٿي ويو.اهڙي ريت ڏهه گرام سون 429 رپيا مهانگو ٿي هڪ لک 68 هزار 124 رپيا ٿي ويو.هوڏانهن عالمي بازار ۾ سون جو ملهه 14 رپيا گهٽجي هڪ هزار 826 ڊالر في اونس ٿي ويو آهي.