ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ وڏو اضافو

ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ وڌيڪ واڌ ٿي آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 3 هزار 800 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 34 هزار 800 رپيا ٿي وئي آهي اهڙي ريت 10 گرام سون 3 هزار 258 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک هڪ هزار 303 رپين جو ٿي ويو آهي عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 40 ڊالر واڌ بعد بلند ترين سطح 2 هزار 254 ڊالر في اونس تي پهچي ويو آهي.