ملڪ : ۾ سون 1300رپيا مهانگو ٿي ويو

ملڪ : ۾ سون جي قيمت ۾ وڌيڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 1300 رپيا مهانگو ٿي 2 لک 22 هزار 800 رپين جو ٿي ويو آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون 1115 رپيا واڌ بعد 1 لک 91 هزار 16 رپيا آهي هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ سون 10 ڊالر واڌ کانپوءِ 1942 ڊالر في اونس آهي ياد رهي ته گذريل ڏينهن به في تولو سون جو اگهه 1300 رپيا مهانگو ٿيو هو.