اسلام آباد: مُلڪ ۾ مهانگائي جي شرح 43 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.ڳڻپ کاتي ماهوار مهانگائي جا انک اکر جاري ڪري ڇڏيا جنهن موجب هڪ مهيني دوران مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 32 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ مُلڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 31 ڏهائي 55 سيڪڙو تائين پهچي وئي، ان کان اڳ اپريل 1975 ۾ مهانگائي جي شرح 29.3 سيڪڙو هئي.ڳڻپ کاتي جي انگن اکرن موجب جولاءِ 2022ع کان فيبروري 2023ع دوران مهانگائي جي شرح 26 ڏهائي 19 سيڪڙو رڪارڊ ٿي.انگن اکرن موجب شهرن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 54 سيڪڙو واڌ جڏهن ته ٻهراڙي واري علائقن ۾ مهانگائي جي شرح ۾ 4 ڏهائي 01 سيڪڙو واڌ ٿي، واڌ کانپوءِ مُلڪ ۾ مهانگائي جي مجموعي شرح 31 ڏهائي 55 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.