بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ تاريخي واڌ 50 سالن جي رڪارڊ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. هلندڙ مالي سال مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي 2025 ۾ 15 جڏهن ته 2026 ۾ 11.5 سيڪڙو رهندي عالمي بينڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ مالي سال دوران مهانگائي 1974 کان پوءِ سڀني کان وڌيڪ رهي. بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ واڌ پيداواري لاڳت ۾ ڪافي اضافو ڪري ڇڏيوعالمي بينڪ پاڪستان ۾ مهانگائي وڌڻ جو وڏو سبب بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ اضافو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. عالمي بينڪ موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ شهري علائقن ۾ توانائي جي مهانگائي 50 سيڪڙو کان وڌي وئي. جڏهن ته گذريل سال ساڳئي وقت ۾ 40.6 سيڪڙو هئي. هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ مهانگائي 28.8 سيڪڙو رهي. جيڪا گذريل سال ساڳئي وقت ۾ 25 سيڪڙو هئي روپئي جي قيمتن ۾ استحڪام مقامي سطح تي فصلن جي پيداوار ۾ اضافي ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن ۾ دٻاءُ ۾ ڪمي جي باوجود پاڪستان ۾ مهانگائي وڌي هلندڙ مالي سال پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 26 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي. جيڪا گذريل مالي سال 29.2 سيڪڙو هئي. پر ايندڙ مالي سال 2025 ۾ مهانگائي 15 سيڪڙو ۽ مالي سال 2026 ۾ مهانگائي جي شرح وڌيڪ گهٽ ٿي 11.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي.