ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ ۾ تيزي سان وڌندڙ آبادي هر شعبي کي متاثر ڪري رهي آهي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پائيدار ترقي جي لاءِ وڌندڙ آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، پائيدار معاشي ترقي جي حدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون هن چيو ته وڌندڙ آبادي هر شعبي جي زندگي کي متاثر ڪري رهي آهي، وڌندڙ آبادي سان ملڪي وسيلن تي دٻاءُ وڌي ويندو آهي. وڌندڙ آبادي سان گڏيل قومي پيداوار تي به پريشر وڌي رهيو آهي محمد اورنگزيب چيو ته آبادي وڌندي آهي ته وسيلا گهٽ ۽ مسئلن ۾ اضافو ٿي ويندو آهي، ننڍي عمر جي ٻارن کي پيش ايندڙ غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ قدم کڻڻ تمام گهڻو ضروري آهن هن چيو ته آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ بجيٽ ۾ وڏا فنڊ رکيا ويا آهن آبادي تي ڪنٽرول ڪرڻ جي لاءِ حڪومتن کي وڌيڪ فعال ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.