ڪراچي: مُلڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب في تولو سون 2700 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد هڪ لک 97 هزار 100 رپين جو ٿي ويو آهي.اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 2315 رپيا اضافي سان هڪ لک 68 هزار 900 ايڪاسي رُپيا ٿي وئي آهي.هوڏانهن عالمي منڊي ۾ سون 27 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد في اونس 1837 ڊالر جو ٿي ويو آهي.