ملڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿي ويو

ملڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي اگهه ۾ واڌ ٿي وئي. اڄ ڪاروباري ڏينهن جي پڄاڻي تي انٽر بئنڪ ۾ رپئي جي ڀيٽ ۾ ڊالر 278 رپين 26 پئسن جو آهي، انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڊالر جو قدر 8 پئسا وڌيو آهي. اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جو اگهه 5 پئسا گهٽجي 279 رپيا 45 پئسا رهيو.