پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزير مخدوم شهاب سميت 3 جوابدارن تي منشيات ڪيس ۾ عدالت ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ڊويزن بينچ اهم فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ايفي ڊرين به باقاعده منشيات آهي جنهن تي عدالت ايفي ڊرين ڪوٽه الاٽمينٽ ۽ مبينه اسمگلنگ ڪيس ۾ 3 جوابدارن پيپلز پارٽي جي اڳوڻي وزير مخدوم شهاب الدين، اڳوڻي ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر اسد حفيظ ۽ مُک جوابدار عنصر فاروق چوڌري تي هڪ لک روپيه ڏنڊ لڳائي ڇڏيو آهي عدالت مخدوم شهاب الدين، اڳوڻي ڊي جي هيلٿ ڊاڪٽر اسد حفيظ، ايفي ڊرين ڪوٽه حاصل ڪري وڪرو ڪندڙ مُک جوابدار عنصر فاروق چوڌري جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون. ٽنهي جوابدارن جي خلاف اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس 11 آڪٽوبر 2011 تي ايفي ڊرين اسمگلنگ جو ڪيس داخل ڪيو هو. جوابدارن درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته ايفي ڊرين منشيات نه آهي ان ڪري هن ڪيس مان بري ڪيو وڃي ٻئي طرف دهشتگردي جي انت واري عدالت سمورن 8 جوابدارن جي گواهن جي بيان لاءِ 16 نومبر تي طلب ڪري ورتو. ايندڙ ٻڌڻي تي 4 اکين ڏٺن شاهدن جا بيان به رڪارڊ ڪيا ويندا. جوابدارن ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني جو پٽ علي موسيٰ گيلاني به شامل آهي.