اداڪارا حريم فاروق انٽرويوءَ دوران هڪ سوال جي جواب ڏيندي چيو ته معاشري ۾ اٽڪل هر ٻئي گهر ۾ ٻي شاديءَ جهڙا مسئلا موجود آهن. اداڪارا موجب، اسلام ۾ ٻي شادي جي اجازت آهي، ڪير به ڪنهن کي ٻي شادي ڪرڻ کان نه ٿو روڪي سگهي پر دوکو ڏئي شادي ڪرڻ معمول بڻجي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ به اِهو ئي ٿي رهيو آهي مرد دوکي سان ٻي شادي ڪندو آهي جنهن جي سزا سڄي خاندان کي ڀوڳڻا پون ٿا