جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي حڪومتي دعوائن جو زميني حقيقتن سان ڪوبه تعلق نه آهي. جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته قوم کي بنيادي ضرورتن تي سبسڊي نٿي ڏني وڃي. پر حڪومت کي هر صورت ۾ عوام کي رليف ڏيڻو پوندو. هن چيو ته ڪجهه واڳوئن کي بجلي نه ٺاهڻ تي به 2 هزار ارب ڏنا ويا، پر هاڻ آءِ پي پيز معاهدا ختم ڪرڻ سان قومي ناڻي کي فائدو ٿيو آهي. مهانگائي بابت ڳالهيون ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته مهانگائي گهٽ ٿيڻ جي حڪومتي دعوائن جو زميني حقيقتن سان ڪوبه تعلق نه آهي. فيبروري جي آخر تائين پوري طاقت سان جدوجهد شروع ڪنداسين. هن چيو ته حڪومت ۽ اپوزيشن جو سڄو ڌيان آمريڪا طرف آهي پر آمريڪا انسانيت ۽ جمهوريت ٻنهي جو دشمن آهي، آمريڪا اسرائيل جي مڪمل پٺڀرائي ڪري رهيو آهي. جماعت اسلامي جي امير چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ صدارت سنڀالڻ کان اڳ ئي حماس کي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي پر حماس کي فلسطيني عوام جي حمايت حاصل آهي.