خيرپورـ مهراڻ هاءِ وي تي گذريل ڏينهن ٿيل خطرناڪ حادثي، جنهن ۾ زال مڙس سميت 3 ڄڻا فوت ٿيا هئا، ان واقعي کان پوءِ ڪراچيءَ جي نوجوان وڪيل شفيق احمد ويسر پاران ڊي سي خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور کي ليگل نوٽيس موڪليو ويو آهي.وڪيل شفيق احمد ويسر پنهنجي نوٽيس ۾ مؤقف اختيار ڪيو آهي ته مهراڻ هاءِ وي تي هيوي ٽريفڪ جي بي قابو اچ وڃ ۽ گاڏين کي بنا روٽ پرمٽ ڇڏڻ سبب قيميتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ضلعي انتظاميا ۽ پوليس طرفان لاپرواهي ڪري عوام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو ويو آهي.ليگل نوٽيس ۾ ڊي سي خيرپور ۽ ايس ايس پي خيرپور کان ست ڏينهن اندر لکت ۾ جواب طلب ڪيو ويو آهي. وڪيل جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن مقرر وقت اندر جواب نه مليو ته هو سڌو سنئون هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪندو.حادثي ۽ ان کانپوءِ جي قانوني ڪارروائي سبب علائقي ۾ ڳڻتيءَ جو ماحول پيدا ٿي ويو آهي ۽ ماڻهن انتظاميا کان مطالبو ڪيو آهي ته هاءِ وي تي هيوي ٽريفڪ جي بي جا اچ وڃ تي سختيءَ سان پابندي لڳائي وڃي.
#