مهيش بهٽ 2 ڀيرا پاڻ آيو، لال حويلي تي فلم ٺاهڻ جي اجازت نه ڏني: شيخ رشيد

 عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد پاڙيسري ملڪ ڀارت جي مشهور فلمساز مهيش ڀٽ بابت حيران ڪندڙ انڪشاف ڪيو آهي. سوشل ميڊيا جي مختلف پليٽ فارمز تي شيخ رشيد جي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کيس صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڏسي سگهجي ٿو. مذڪوره وڊيو ۾ شيخ رشيد چيو ته مهيش بهٽ 2 ڀيرا ڀارت کان لال حويلي آيو ۽ انهي مون کان لال حويلي تي فلم ٺاهڻ جي اجازت گهري، شيخ رشيد چيو ته مهيش بهٽ مون کي چيو ته مون کي دهن راج جي ڪهاڻي تي فلم ٺاهڻ ڏيو، پر مان کيس اجازت نه ڏني. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اڃان تائين لال حويلي تي جيتريون به دستاويزاتي فلمون ٺهيون آهن اهي ماڻهن پاڻ ٺاهيون آهن انهي جو تعلق اصل لال حويلي سان نه آهي. شيخ رشيد چيو ته جيڪي چون ٿا ته لال حويلي 19 ڪنال تي آهي ته مان کين ٻڌائيندو هلان ته 10 ڪنال نه پر 19 گهر آهن، جڏهن ته اسان وٽ لال حويلي جو صرف پوڻا 3 مرله جو حصو آهي.هن وڌيڪ چيو ته مون وصيت ڪري ڇڏي آهي ته مون کان پوءِ لال حويلي جي پوڻا 3 مرله جي جڳهه تي يونيورسٽي ٺاهي ويندي.