موبائل ۽ انٽرنيٽ جي بندش خلاف شيري رحمان اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي

عام چونڊن ۾ موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس جي بندش خلاف پ پ اڳواڻ شيري رحمان صوبائي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي پيپلز پارٽي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان صوبائي اليڪشن ڪميشن آفيس پهتي جتي هن لاهور ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس جي بندش خلاف پٽيشن جمع ڪرائي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيري رحمان چيو ته چونڊن جي ڏينهن انٽرنيٽ ۽ موبائل نيٽ ورڪ جي بندش تي ڳڻتي آهي. اڄ اليڪشن جو ڏينهن آهي. اڄ موبائل ۽ انٽرنيٽ بند ڪرڻ جمهوريت ۽ چونڊ عمل جي ابتڙ آهي هن چيو ته چونڊن واري ڏينهن رابطو لازمي هوندو آهي. پارٽي ۽ اميدوار کي پولنگ ايجنٽس سان رابطو رکڻ هوندو آهي. پولنگ ايجنٽس پنهنجون شڪايتون اسان تائين ڪيئن پهچائيندا. اسان جو ڪميونيڪيشن جو نظام انٽرنيٽ سان ڀاڙي ٿو شيري رحمان وڌيڪ چيو ته اسان جي گذارش آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري طور تي انٽرنيٽ سروس ۽ موبائيل نيٽ ورڪ بحال ڪري. پيپلز پارٽي جا وڪيل ان معاملي تي عدالت ۾ به پٽيشن جمع ڪرائيندا.