جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته مرضي جي چونڊن سان اسان کي راضي نٿو ڪري سگهجي. موجوده اسيمبلين جي ڪا حيثيت ناهي، اهڙيون اسيمبليون ته مان مٽيءَ سان ٺاهي سگهان ٿو. چارسده ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسان آئين ۾ انساني حقن جو تحفظ ڪيو، انشاءَالله اسان جي ڪوششن سان پاڪستان مان وياج جو خاتمو ٿي ويندو. هن چيو ته پختونخواهه ۾ مذهب جون گهريون جڙون پٽڻ لاءِ اين جي اوز کي استعمال ڪيو ويو. مدرسا، علم ۽ سياست جي حفاظت اسان جي ذميواري آهي. جي يو آءِ سربراهه اهو به چيو ته موجوده اسيمبلين جي ڪا حيثيت ناهي، اهڙيون اسيمبليون ته مان پاڻ مٽيءَ سان ٺاهي سگهان ٿو. اسان جو صوبو باهه ۾ سڙي رهيو آهي، خيبرپختونخواهه ۽ وفاق ۾ حڪومت نالي ڪابه شيءَ ناهي، هن وقت حڪومت نااهل ماڻهن وٽ آهي. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته اڄ سياست جو مقصد ڪرسي ۽ اقتدار حاصل ڪرڻ آهي. مرضي جي چونڊن سان اسان کي راضي نٿو ڪري سگهجي، اهڙيون چونڊون ته حسينه واجد کي به ڪرائڻيون هيون.