موسميات کاتي اڄ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جا امڪان ظاهر ڪري ڇڏيا آهن موسميات کاتي ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، ميرپورخاص ۽ ٺٽي ۾ کنوڻ سان برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه ڇنڇر يعني اڄوڪي ڏينهن ڄامشورو ۽ ڪراچي جي ڪجهه علائقن ۾ اڄ ۽ سڀاڻي برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي ٻئي طرف موسميات کاتي پنجاب جي ڪجهه ميداني علائقن ۾ صبح جي وقت ڪوهيڙو رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته مغربي هوائون لڳڻ سبب اڄ بلوچستان ۾ تيز هوائن ۽ کنوڻ سان برسات جو امڪان آهي.