موسميات کاتي سنڌ ۾ موسم وڌيڪ گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب مٿانهين سنڌ ۾ سڀاڻي کان ڏينهن جو گرمي پد 47 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٺٽو ۽ بدين ۾ اڄ ڪجهه هنڌن تي کنوڻ سان برسات جو پڻ امڪان آهي. موسميات کاتي ٻڌايو آهي ته ايندڙ 3 ڏينهن جي دوران ڪراچي جو موسم گرم ۽ وچولو رهندو. جنهن دوران شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو. ڏينهن ۾ اتر ۽ مغرب کان گرم هوائون شروع ٿي سگهن ٿيون. جڏهن ته شام جو سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب حيدرآباد ۾ سخت پوڻ جو امڪان آهي، موسميات کاتي شهرين کي خبردار ڪندي چيو آهي ته گرم موسم ۾ پاڻي جو وڌ کان وڌ استعمال ڪيو وڃي.جڏهن ته غير ضروري ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.