موسميات کاتي عيدالفطر دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

موسميات کاتي عيدالفطر جي موڪلن دوران ملڪ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي موسميات کاتي موجب مغربي هوائن جو سلسلو 10 اپريل تي ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ داخل ٿيندو، برسات جو اهو سلسلو 10 کان 15 پريل تائين وقفي وقفي سان جاري رهندو موسميات کاتي موجب ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، خيرپور، جيڪب آباد ۽ ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ ۾ 13 ۽ 14 اپريل دوران برسات جو امڪان آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۾ 10 کان 15 اپريل تائين ڪجهه هنڌن تي تيز برسات ۽ ڳڙو پوڻ جو امڪان آهي ان کان علاوه ڪشمير، گلگت بلتستان ۾ تيز برسات ۽ جابلو علائقن ۾ برفباري جو امڪان آهي. مري گليات، اٽڪ ۽ چڪوال ۾ وقفي وقفي سان برسات جي اميد ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته فيصل آباد، سرگودها ۽ سيالڪوٽ سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي موسميات کاتي موجب بلوچستان ۾ 12 کان 14 اپريل تائين مختلف شهرن ۾ برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه خيبرپختونخواهه، ڪشمير، مري، گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي تيز برسات سبب 13 کان 15 اپريل تي دير، سوات، چترال ۽ ڪوهستان ۾ ٻوڏ جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.