موسميات کاتي ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنوڻ سان تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب اسلام آباد ۽ ڀرپاسي ۾ تيز برسات پوڻ جو امڪان آهي.بلوچستان ۾ برساتن جو سلسلو جاري رهندو، جڏهن ته وڌيڪ برساتن جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. برساتن جو اهو سلسلو 29 اپريل تائين جاري رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پشين، برنائي ۽ زوب ۾ برساتن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه جو پڻ امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه نوشڪي، زيارت، بارکهان ۽ نصيرآباد جي مقامي ندي نالن ۾ به چاڙهه جو خطرو آهي. مٿانهين خيبرپخونخواهه جي مختلف ضلعن ۾ تيز برسات جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. دير، سوات، چترال، مانسهره، ڪوهستان ۽ ڪشمير جي ندي نالن ۾ چاڙهه جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. مري گليات، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.ڪوئٽه، نوشڪي، پشين، برنائي، زوب، بارکهان، قلات ۾ تيز برسات جو امڪان آهي. جڏهن ته مستونگ، جهل مگسي، نصيرآباد، سبي، ڪوهلو، ڊيره بگٽي ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي. قلعه عبدالله، زيارت، شيراني ۽ موسي جيل ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي.