سموري ملڪ ۾ گرمي جي شدت ۾ واڌ ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال ۾ موسميات کاتي هڪ دفعو ٻيهر ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهندو. ڏاکڻي علائقن ۾ گرمي پد ۾ واڌ جو امڪان آهي. اسلام آباد، مري، گليات ۽ ڀرپاسي ۾ موسم خشڪ ۽ گرم رهندو. سنڌ جي ميداني علائقن ۾ گرمي پد ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. موسميات کاتي موجب سنڌ ۾ حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ دادو ۾ گرمي پد 42 کان 43 ڊگري تائين رڪارڊ ڪرڻ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي پنجاب جي علائقي بهاوالپور، ملتان ۾ گرمي پد 41 ۽ لاهور ۾ 49 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پشاور ۽ اسلام آباد ۾ 35، ڪوئٽه ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 32 ڊگري تائين پهچڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي جو موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران شهر جو گهٽ کان گهٽ گرمي پد 27 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو. جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچڻ جو امڪان آهي.