موسميات کاتي ڪراچي شهر ۾ ايندڙ 3 کان چئن ڏينهن دوران گرمي جي شدت ۾ واڌ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. موسميات کاتي موجب ڪراچي ۽ لاڳاپيل علائقن ۾ ڏينهن جو موسم گرم ۽ شام ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ جو امڪان آهي. موسمياتي تجزيه ڪارن ٻڌايو آهي ته گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ گهٽ کان گهٽ گرمي پد 25.36 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ وڌ کان وڌ گرمي پد 37 کان 39 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي. جڏهن ته سڀاڻي(اڱاري) تي وڌيڪ گرمي پد 40 ڊگري کان وڌي سگهي ٿو. موسميات کاتي چيو آهي ته شهر ۾ هوا ۾ نمي جو تناسب 55 سيڪڙو آهي جڏهن ته شهر ۾ هلڪي رفتار سان هوائون لڳي رهيون آهن. ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين بلوچستان جون هوائون شهر تي اثر انداز رهيون جنهن جي نتيجي ۾ صبح کان ٻنپهرن جي وچ ۾ سامونڊي هوائون غير فعال رهي سگهن ٿيون. ياد رهي ته هيٽ ويو جي اهم سببن ۾ سامونڊي هوائون لاڳيتو 3 ڏينهن تائين بند رهڻ، پارو 40 ڊگري کان ٽپي وڃڻ ۽ نمي جو تناسب 65 سيڪڙو تائين وڌڻ شامل آهي.