موسون جي برساتن کان بعد يوسي 34 واھ ٻرڙا جي ڳوٺ بلاول ڪانڌڙو ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو يوسي انتظاميا ڪوب تحرڪ ن ورتو ان سلسلي ڳوٺاڻن ADN نيوز سان ڳالھائندي ٻڌايو ت گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسان جي ڳوٺ ۾ مڇر مار اسپري ن ٿئي آھي يوسي عملي پاران اسان کي نظر انداز ڪيو وڃي ٿو سم ، مينھن جي بيٺل پاڻي ، ساريالي فصل جي ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي جنھن سبب ڳوٺ ۾ وبائي بيماري پکرجڻ شروع ٿي ويون جن ۾ مليريا عام آھي ۽ چوپايو مال ب مرڻ لڳو آھي ھنن يوسي انتظاميا ، ۽ ٻين وس وارن کان مڇر مار اسپري ڪرائڻ جي جو مطالبو ڪيو آھي