جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان طرفان 28 آگسٽ تي واپارين جي هڙتال جي حمايت جو اعلان ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب جي يو آءِ(ف) جي سربراهه چيو ته واپارين جي سڀاڻي سڄي ملڪ ۾ ٿيندڙ هڙتال جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪريون ٿا، هن وڌيڪ چيو ته مهانگائي ۽ ناجائز ٽيڪس عوام جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته آءِ ايم ايف جي حڪم تي ٺاهيل بجيٽ عوام کان ماني جو گرهه به ڦري ورتو آهي، ڪارڪن پرامن هڙتال کي ڪامياب بنائين.، هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ جي يو آءِ(ف) بزنس فورمز انهي هڙتال ۾ ڀرپور حصو وٺندي. ٻئي پاسي جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته 28 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ شٽربند هڙتال ٿيندي، اهو عوام جو فيصلو آهي، هن چيو ته بجلي، پيٽرول، ٽيڪسز ۽ آءِ پي پيز کان تنگ عوام هڙتال ڪندي، هن وڌيڪ چيو ته شٽرڊائون هڙتال عوام کي رليف ڏيارڻ لاءِ فيصلو ڪندڙ مرحلو آهي. ياد رهي ته سڄي ملڪ جي واپاري برادري رڪارڊ ٽيڪسز ۽ مهانگائي خلاف 28 آگسٽ تي شٽربند هڙتال جو اعلان ڪيو آهي، واپارين جو چوڻ آهي ته واپاري دشمن اسڪيم کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي ۽ اٽي سميت دالين ۽ ٻين شين تي لڳايل ود هولڊنگ ٽيڪس ختم ڪيو وڃي.