مولانا فضل الرحمان اليڪشن ڪميشن کان آصف زرداري طرفان ڏنل بيان جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

جمعيت علماءِ اسلام(ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان اليڪشن ڪميشن کان آصف زرداري طرفان ڏنل بيان جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو مولانا فضل الرحمان چيو ته جيڪڏهن ائين آهي جيئن آصف زرداري چيو آهي ته اهڙا سمورا ووٽ ختم ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪجهه ڏينهن جي دير سان شفاف چونڊون ٿين ٿيون ته اهو گهاٽي جو سودو نه هوندو ياد رهي ته اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو هو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان افغانين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهرائي انهن جا ووٽ رجسٽر ڪرايا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ جعلي ووٽر لسٽون ٺهيل آهن نجي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي آصف زرداري چيو ته افغان اسان جا پاڙيسري آهن. عمران خان افغانين جا ووٽ رجسٽر ڪرايا آهن ان لاءِ هو افغانين لاءِ گهڻو ڳالهائيندو آهي ان لاءِ ئي هو چئي رهيو آهي ته لشڪر جهنگوي جون آفيسون کوليون وڃن. عمران خان ڪوڙيون لسٽون ٺهرايون آهن جنهن ۾ افغانين کي پاڪستاني شهري ڊڪليئر ڪيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اليڪشن ڪميشن اهڙي معاملي تي ڪجهه ڪري رهيو آهي.