مولانا فضل الرحمان جنوري ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ تي سول اٿاري ڇڏيا

جمعيت علماءِ اسلام(جي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جنوري ۾ چونڊون منعقد ڪرڻ تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته جنوري ۾ مٿانهين علائقن ۾ برف پوندي، ماڻهو ووٽ ڪيئن ڏيندا پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته جنوري ۾ ملڪ جي مٿانهين علائقن ۾ برفباري ٿيندي آهي اتي جا ماڻهو ميداني علائقن ۾ اچي ويندا آهن. جنوري ۾ ته اتان جا ماڻهو پنهنجن علائقن ۾ ئي نه هوندا ته ووٽ ڪيئن ڏيندا ان لاءِ هن معاملي تي به اليڪشن ڪميشن کي سوچڻو پوندو هن چيو ته اسان کي خوشخبري ٻڌائي وئي ته ملڪ ۾ امن امان قائم ٿي ويو آهي پر صورتحال اها آهي جو ڪنهن به اميدوار لاءِ خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ چونڊ مهم دوران حصو وٺڻ مشڪل آهي، جڏهن ته اسان لاءِ ناممڪن آهي مسلم ليگ جي سربراهه نوازشريف جي ملڪ واپسي جي حوالي سان مولانا چيو ته پاڪستان نوازشريف جو پنهنجو ملڪ آهي کيس هتي اچڻ گهرجي سياست ڪرڻ نوازشريف جو حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف قانوني ۽ عدالتي معاملن تي اطمينان کان پوءِ ئي ملڪ واپس اچي رهيو آهي اسان سندس اچڻ تي کيس ڀليڪار چونداسين فيصل آباد ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي ڪارڪردگي ۽ ايجنڊا کي ڏسڻو پوندو. هن پارٽي جا سمورا معاملا پاڪستان مخالف آهن، اهڙي پارٽي کي ته ملڪ جي سياست ۾ هجڻ ئي نه گهرجي.