جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان قطر ۾ حماس اڳواڻن اسماعيل هانيه ۽ خالد مشعل سان ملاقات ڪئي آهي وفد سان گڏ قطر ۾ موجود جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حماس اڳواڻن سان ملاقات دوران فلسطين مسئلي تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ملاقات ۾ سيڪريٽري جنرل جي يو آءِ سنڌ مولانا راشد محمود سومرو ۽ مفتي ابرار احمد به شريڪ ٿيا ان موقعي تي مولانا فضل الرحمان چيو ته اسرائيل فلسطين ۾ ظلم ڪري ڪعبه اول کي تبديل ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي حماس اڳواڻ اسماعيل هانيه چيو ته سمورن مسلمانن جو فرض آهي ته هو اسرائيل جي ظلمن خلاف گڏ ٿين، انساني حقن جا دعويدار ملڪ هٿيارن سان ڀريل جهاز کڻي تل ابيب پهچي رهيا آهن. مسلمانن کي به فلسطيني ڀائرن جي حمايت لاءِ ميدان ۾ نڪري پنهنجين مائرن، ڀينرن ۽ ڀائرن جي مدد ڪرڻ گهرجي خالد مشعل چيو ته مولانا فضل الرحمان پاڪستان ۾ فلسطين جي سفير جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڪشمير ۽ فلسطين تي وڏي وقت کان ظلم انساني حقن جي دعويدارن جي منهن تي چماٽ آهي مولانا فضل الرحمان چيو ته ترقي يافته ملڪن جي دعويدارن جا هٿ معصوم ٻارن ۽ عورتن جي رت سان رڱيل آهن. فلسطيني صرف پنهنجي زمين ئي نه پر مسلمان امت طرفان فرض ادا ڪندي ڪعبه اول جي آزادي جنگ وڙهي رهيا آهن. وقت اچي ويو آهي ته مسلمان امت عملي ميدان ۾ فلسطيني ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيهن.