پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪ جي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. ٻنهي اڳواڻن ملڪ خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته صوبي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سياسي پارٽين کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. فوجي آپريشن ڪنهن به مسئلي جو حل نه آهي. ٻنهي اڳواڻن قومي اسيمبلي ۾ گڏجي ڀرپور طريقي سان اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ۽ بجيٽ کي آءِ ايم ايف بجيٽ ۽ عوام دشمن بجيٽ ڏئي رد ڪري ڇڏيو. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ سياسي ڪميٽيون قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڪميٽي ٻنهي پارٽين جي وچ ۾ خدشا ختم ڪرڻ ۽ آئنده جي سياسي حڪمت عملي جي لاءِ نڪتن جو تعين ڪندي. ملاقات ۾ افغانستان سان ڀائراڻن لاڳاپن جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو.