اڄ صبح ڪراچي کان حيدرآباد ويندڙ هڪ وڏو مسافر جهاز ڪراچي ايئرپورٽ کان موٽر وي (سپر هاءِ وي) ڏانهن روانو ڪيو ويو ته جيئن معذور جهاز کي روڊ ذريعي منتقل ڪري سگهجي.جهاز کي خاص ٽرالي ۽ ٽرڪ ذريعي حيدرآباد آندو پيو وڃي، پر موٽر وي پوليس ٽرالر کي ٽول پلازه پار ڪندي ئي روڪي ڇڏيو.موٽر وي پوليس جو چوڻ آهي ته اين او سي کانسواءِ جهاز کڻڻ جي اجازت نه ٿا ڏئي سگهون. نيشنل هاءِ وي اٿارٽي NOC جاري ڪري ٿي، جنهن ۾ ڪنهن به سامان جي لمبائي، چوٿائي ۽ ٻيا تفصيل شامل آهن.موٽر وي پوليس جو موقف آهي ته پرمٽ وٺڻ بعد باقاعدي پروٽوڪول ڏنو ويندو آهي. انهن کي هن وقت تائين اين او سي نه ملي آهي. اجازت ملڻ کانپوءِ ئي جهاز کي وڃڻ جي اجازت ڏني ويندي ۽ موٽر وي گاڏيون به جهاز سان گڏ هلنديون.ياد رهي ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو هڪ مسافر جهاز کي زمين جي ذريعي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچايو پيو وڃي.موٽر وي تي پهريون ڀيرو ايڏو وڏو مسافر جهاز ڏسي اتي ماڻهو گڏ ٿي ويا ۽ ان سان سيلفي ورتي.ان کان اڳ سعودي عرب ۾ روڊ ذريعي جهازن جي آمد و رفت ٿيندي هئي ۽ ان ڪارنامي ۾ به هڪ پاڪستاني ٽرڪ ڊرائيور جي ڪوشش شامل هئي.