وفاقي حڪومت جي ترجمان راجه خليق الزمان انصاري الزام هنيو آهي ته ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب سٽي وارڊنز اماڻي گرين لائن پروجيڪٽ تي زبردستي ڪم بند ڪرائي ڇڏيو آهي۔ پريس ڪانفرنس دوران راجه خليق الزمان چيو ته وفاقي حڪومت کي روزانو مالي نقصان برداشت ڪرڻو پئجي رهيو آهي۔ جيڪڏهن ميئر کي اعتراض هو ته باقاعده نوٽيس جاري ڪري ها۔ هن ٻڌايو ته گرين لائن جو ٻيو فيز ڪامن ڪوريڊور آهي، جنهن تي مستقبل ۾ سموريون بي آر ٽي بسون هلنديون۔ اهي ڳالهيون بي بنياد آهن ته منصوبي کي 2035 تائين به مڪمل نه ڪري سگهبو، جيڪڏهن رڪاوٽون نه وڌيون ويون ته اهو ڪم جون 2026 تائين مڪمل ٿي ويندو۔ ترجمان موجب وفاق سنڌ جي 22 منصوبن لاءِ 334 ارب رپيا رکيا آهن جن مان 18 ارب خرچ ٿي چڪا آهن ۽ ٻين تي ڪم جلد شروع ٿيندو۔ وفاقي حڪومت ڪراچي لاءِ گڏيل ڪوششن جي حامي آهي ۽ ميئر کان درخواست آهي ته پوائنٽ اسڪورنگ بدران گڏجي شهر جي خدمت ڪجي۔ راجا خليق الزمان ٻڌايو ته وفاق گرين لائن واڌ منصوبي لاءِ ساڍا 5 ارب رپيا رکيا آهن ۽ ڪراچي ۾ بهترين ٽرانسپورٽ سهولتون ڏيڻ چاهي ٿو۔ شرجيل انعام ميمڻ کي به ملاقات جو پيغام پهچايو ويو آهي ته معاملا خوش اصلوبي سان حل ڪجن۔ هن چيو ته ڊسمبر ۾ قائداعظم جي مزار تي هڪ ميگا ايونٽ ٿيندو جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف پاڻ 2 لک ليپ ٽاپ ورهائيندو۔ بلاول ڀٽو هميشه چيو ته “شهباز اسپيڊ” گهرجي، پر هاڻي جڏهن اهو ڪم نظر اچي رهيو آهي ته “ميئر اسپيڊ” رڪاوٽ بڻجي رهي آهي۔ راجا خليق الزمان وڌيڪ چيو ته منصوبي جي شروعات کان اڳ سموري ڪارروائي مڪمل ڪئي وئي هئي ۽ ميئر آفيس جي اعتراض جو لکت ۾ جواب به ڏنو ويو آهي۔ هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو جيڪڏهن (ن) ليگ کي ڪم ڪندي ڏسڻ چاهين ٿا ته چونڊن ۾ ان کي ووٽ ڏين۔