ميانوالي: پوليس چيڪ پوسٽ تي حملو، هڪ اهلڪار شهيد، 2 دهشتگرد مارجي ويا

ميانوالي ۾ ڪنڊل واري هنڌ تي پيٽرولنگ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ اهلڪار شهيد جڏهن ته 2 دهشتگرد مارجي ويا آهن آءِ جي پنجاب موجب 10 کان 12 دهشتگردن ڪنڊل پيٽرولينگ پوسٽ تي حملو ڪيو ، چيڪ پوسٽ جي ڇت تي موجود اهلڪار جي جوابي فائرنگ سبب 2 دهشتگرد مارجي ويا آءِ جي پوليس موجب چيڪ پوسٽ تي ٻنهي طرفن کان حملو ڪيو ويو هو. پنجاب پوليس جوابي ڪارروائي ڪندي ڪنڊل پيٽرولنگ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام بنائي ڇڏيو آهي. پوليس جي جوابي ڪارروائي دوران 2 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته ٻيا فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آءِ جي پنجاب موجب دهشتگردن جي حملي خلاف پوليس جي جوابي ڪارروائي ۾ هيڊ ڪانسٽيبل هارون خان دهشتگردن خلاف بهادري سان وڙهندي شهيد ٿي ويو هن ٻڌايو ته ايس ايم ڊي لائنس سان گڏ سي ٽي ڊي جون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهچي ويون آهن. دهشتگردن جو پيڇو ڪيو پيو وڃي. اونداهي ۽ جابلو علائقا هجڻ سبب انتهائي احتياط سان آپريشن ڪيو پيو وڃي پوليس موجب آپريشن ۾ جاري ويل دهشتگرد سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي ڪارروائين ۾ ملوث هئا. واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.