ميان اسلم اقبال پنجاب ۾ وڏي وزير جو اميدوار هوندو: بيرسٽر گوهر

پي ٽي آءِ اڳواڻ بيرسٽر گوهر چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي جنهن ۾ خيبرپختونخواهه، پنجاب ۽ وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون بيرسٽر گوهر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين سان اليڪشن بابت به ڳالهيون ٿيون. وزيراعظم جي لاءِ عمر ايوب اسان جو اميدوار هوندو. ميان اسلم اقبال پنجاب ۾ وڏي وزير جو اميدوار هوندو بلوچستان ۾ سالار ڪاڪڙ وڏي وزير جو اميدوار هوندو. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي لاءِ اڃان تائين فيصلو نه ٿيو آهي اسان جي ڪوشش آهي ته وزيراعظم عمر ايوب هجي بيرسٽر گوهر صحافين طرفان پڇيل سوال جي جواب ۾ چيو ته پيپلز پارٽي سان اسان جون ڳالهيون نه ٿينديون. خيبرپختونخواهه ۾ صرف اسپيڪر جو فيصلو ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه جي اسپيڪر لاءِ عاقب الله اميدوار هوندو ان موقعي تي پي ٽي آءِ اڳواڻ شير افضل مروت چيو ته هڪ خاندان جي لاءِ سيٽون چورايون ويون انهن وٽ ڪوبه روڊ ميپ نه آهي چورن کي ويهارڻ جي لاءِ اليڪشن چوري ڪئي وئي. ٻئي طرف پي ٽي آءِ بلوچستان جي وڏ وزارت لاءِ سالار صاحب کي نامزد ڪيو. بلوچستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن ۾ سالار صاحب نالي جو ڪوبه اميدوار ئي نه آهي سالار خان ڪاڪڙ ڪوئٽه اين اي 263 تان اميدوار هو جيڪو عام چونڊن ۾ شڪست کائي ويو، اليڪشن ڪميشن جي فارم 47 موجب سالار ڪاڪڙ ٻئين نمبر تي آهي.