ميرواه گورچاڻي منجهان بصرن جي وير(پوکائي) لاءِ مزدوري سانگي ويل پنجاب ويل 2 پورھيت پراسرار نموني فوت ٿي ويا. ٽائون ڪاميٽي ميرواهه گورچاڻي جي وارڊ نمبر 8 جي ڳوٺ چوڌري غلام محمد رهواسي جا 2 نوجوان پرڪاش ولد نرسينگو، 50ورهين جو ڪومبو ولد ويرسي ڪولهي پنجاب جي شھر لاھور ڀرسان پراسرار نموني فوت ٿي ويا، جن جا لاش سندن گھرن ڏانھن آندا پيا وڃن. ان ڏس ۾ فوتي نوجوان پرڪاش جي چاچي ويرمون ڪولھي ٻڌايو تہ اسان جي ڳوٺ جا 40 جي لڳ ڀڳ مرد ۽ عورتون مزدوري سانگي بصرن جي وير (پوکائي) لاءِ ميرواھ گورچاڻي جي ھڪ ٺيڪيدار معرفت 15 ڏينھن اڳ پنجاب ويل ھئا، جتان اڄ کين سندن ھڪ مائٽ معرفت معلوم ٿيو آهي ته پيرسن ڪومبو ۽ نوجوان پرڪاش پراسرار نموني فوت ٿي ويا آھن. ويرمون موجب سندن عزيزن اھو پڻ ٻڌايو آھي تہ ٻنھي ڄڻن تي ظاهري طرح ڪو تشدد ناھي ٿيل، ھن وڌيڪ چيو تہ پنجاب ويل سندن مائٽن جا موبائل نمبر شايد چارج نه ھئڻ ڪري بند ٿي ويا آھن ان ڪري وڌيڪ معلومات ناھي ملي سگھي اسين سندن سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھيون پر اڃان تائين رابطو نه ٿي سگهيو آهي.