ميرپورخاص: افغان پناهگيرن جي نيڪالي لاءِ سنڌ هاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي

افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي نيڪالي ۽ جاگيرداري نظام جي خاتمي لاءِ زرعي انقلاب جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي، بوگس ڊجيٽل آدمشماري، فصلن جا اگھ نہ ملڻ، پاڻي جي کوٽ ۽ ھارين سان ٿيندڙ ظلمن خلاف سنڌي ھاري تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ طرفان ميرپورخاص شھر ۾ ھزارين ماڻھن جي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وڏي تعداد ۾ عورتون، ٻارڙا، ھاري، مزدور، شاگرد، وڪيل ۽ آبادگار شامل ھئا ريلي ۾ سنڌ ۾ ڌاريا نامنظور، افغاني سارا نامنظور، بنگالي بھاري_ نامنظور، جيڪو ڌارين جو يار آ سو ملڪ جو غدار آ، جيڪو افغانين جو سھولتڪار آ_ ملڪ جو غدار آ، جاگيرداري نظام نامنظور. صحافي جان محمد مھر جا قاتل گرفتار ڪريو فاطمہ ڦرڙو جي قتلن کي سزائون ڏيو. زمينن جي نيلامي بند ڪريو، ھارين سان ظلم بند ڪريو، سرڪاري زمينون ھارين کي ڏيو. بوگس ڊجيٽل آدمشماري جا ڪوڙا نتيجا نامنطور. وسيلن تي قبضا نامنظور جا پرجوش نعرا ھنيا ويا. ريلي اسٽيشن چوڪ کان شروع ٿي پريس ڪلب ميرپورخاص پھچي وڏي عوامي جلسي عام ۾ تبديل ٿي وئي. ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار، مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجدہ پرھياڙ، ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو تہ سنڌ ۾ چاليھ لک کان وڌيڪ غير قانوني افغاني، بنگالي، بھاري، برمي ۽ ٻيا غير ملڪي رھن ٿا. لکن جي تعداد ۾ رھندڙ انھن غير قانوني غير ملڪين جي واپسي جو ڪو بہ بندوبست ناھي ڪيو ويو جڏھن ته ٻين صوبن ۾ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي تيزيءِ سان ملڪ مان ڪڍيو پيو وڃي، پر سنڌ ۾ افغانين ۽ ٻين غير ملڪين خلاف انتظاميه لاپرواھي کان ڪم وٺي رھي آھي سنڌ ۾ افغانين جون بستيون قائم آھن ڪراچي مان افغاني آساني سان نڪري ڪوٽڙي ۽ ٻين علائقن ۾ پھچي وڃن ٿا، پيپلزپارٽي جا اڳوڻا وزير، مشير، ايم اين اي، ايم پي اي افغانين کي پناھ پيا ڏين ھنن وڌيڪ چيو ته افغانين کي پناھ ڏيندڙ ۽ ڪوڙا سڃاڻپ ڪارڊ ٺاھي ڏيندڙ نادرا اھلڪارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي وفاقي نگران حڪومتون سنڌ مان غير قانوني غير ملڪين کي واپس موڪلڻ ۾ سنجيدہ ناھن. غير قانوني افغاني ۽ ٻيا پرڏيھي ملڪ جي امن لاءِ وڏو خطرو بڻيل آھن جڏھن کان افغانين ۽ ٻين غير ملڪين کي نيڪالي ڏيڻ جو اعلان ٿيو آھي تڏھن کان ملڪ ۾ دھشتگردي جي ڪاررواين ۾ تيزي اچي وئي آھي. جنھن مان اھا ڳالھ ثابت ٿي ٿئي ته افغانين ۽ ٻين غير ملڪين جي پٺڀرائي ملڪ دشمن قوتون ۽ عالمي سامراجي طاقتون ڪري رھيون آھن زرداري مافيا لاءِ سنڌ وڪري جو وکر آھي. بحريا ٽائون جي قبضا مافيا کيرٿر نيشنل پارڪ تي والار ڪري سنڌ جي تاريخي ثقافتي ماڳن کي ختم ڪرڻ جي سازش ڪئي آھي ھن چيو تہ سنڌ ۾ لاقانونيت جو راڪاس آھي، صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي اڃا تائين گرفتار نہ ڪيو ويو آھي ماڙي جلباڻي ۾ سڌيون گوليون ھڻي ھارين کي قتل ڪيو ويو، پر قاتلن کي ڪابہ سزا نہ آئي، فاطمہ ڦرڙو، معصوم نازيہ چنا کي قتل ڪيو ويو، نياڻين جي خون سان ڪوبہ انصاف نہ ڪيو ويو ھن چيو تہ رياست سنڌي ماڻھن کي ديوار سان لڳائڻ بند ڪري. سنڌي ھندو ھارين جون نياڻيون اغوا ڪري زوري مذھب تبديل ڪرائي زبردستي جون شاديون ڪرايون وڃن ٿيون. ھر ايندڙ ڏينھن معصوم نياڻين کي ڪارو ڪاري ڪري قتل ڪيو وڃي ٿو عورتن مٿان تشدد جا واقعا روز جو معمول بڻيل آھن. فاطمہ ڦرڙو، نازيہ چنا کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، پر انھن جي قاتلن کي ڪا بہ سزا نہ آھي،. ريلي کي ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، نور نبي پليجو، امير بخش جروار، رامچند، ايڊووڪيٽ غفار ناريجو، اياز کوسو، اوڀايو جوڻيجو، علي محمد پرويز ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو.