ميرپورخاص روڊ تي ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، 2 سڳا ڀائر فوت

ميرپورخاص تعلقي ٿاڻي جي حد پبلڪ اسڪول ڀرسان  ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي  جو موٽر سائيڪل سوارن کي ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 سڳا ڀائر فوت ٿي ويا. رپورٽ موجب ميرپورخاص روڊ تي 18 ورهين جو افضل خاصخيلي ۽ سندس ڀاءُ شيراز خاصخيلي ميرپورخاص شهر کان ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته سندن ڪمند سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي سان حادثو پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڀائر ٿڏي تي فوت ٿي ويا. پوليس لاش واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪيا جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻنهي نوجوانن جا لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو، ٽريڪٽر ڊرائيور فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. پوليس ٽريڪٽر کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. ٻڌايو پيو وڃي ته 18 ورهين جي افضل  خاصخيلي جي هڪ مهينو اڳ شادي ٿي هئي، سندس هٿن تان مهندي جو رنگ به نه لٿو هو ته حياتي کانئس وفا نه ڪئي. فوتي نوجوان ڳوٺ سيد خادم علي شاه جا رهواسي هئا جيڪي ثقافتي تقريب ۾ ميرپورخاص آيل هئا جنهن کان پوءِ هاڻ واپس ڳوٺ طرف وڃي رهيا هئا ته ساڻن حادثو پيش آيو.