ميرپورخاص: ميرپورخاص تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ امام بخش لغاري ۾ هڪ ڏينهن اڳ شادي ڪندڙ گهوٽ جو سندس ڪمري مان گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي. کوکر برادري سان تعلق رکندڙ 20 سالا گهوٽ صابر علي کوکر 18 سالا ناري سائره کوکر سان هڪ ڏينهن اڳ ڊگهڙي ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو جنهن جي وليمي جي تقريب رٿيل هئي، تقريب ختم ٿيڻ کانپوء گهوٽ ۽ ڪنوار پنهجي ڪمري ۾ ويا ته صبح 6 وڳي نامعلوم شخص ڪمري ۾ داخل ٿي گهوٽ صابر علي کي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو تعلقه پوليس ڪنوار ۽ هڪ نوجوان راجا کوکر کي پسٽل سميت گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. پوليس جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته پسٽل گرفتار ٿيل شخص راجا جو آھي معاملي ۾ ڪنوار ملوث لڳي ٿي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.هوڏانهن تعلقي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نياز کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته سائره ۽ صابر علي کوکر هڪ ڏينهن اڳ پيار جو پرڻو ڪيو هو ڪالهه رات سندن وليمي جي تقريب رٿيل هئي تقريب ختم ٿيڻ کانپوء صبح جو ڪمري ۾ گهوٽ کي قتل ڪرڻ جو اطلاع مليو لاش پوليس تحويل ۾ وٺي سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آھي ۽ ڪنوار سائره کي پوليس تحويل ۾ جانچ لاء رکيو ويو آھي ٻئي طرف گهوٽ صابر علي کوکر جي قتل ٿيڻ کانپوء شادي واريون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون، اهڙي واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي.