فون نه کڻڻ تي بااثر شخص ڪمال خان مهر جو هوٽل مئنيجر تي تشد،ميرپورماٿيلو ۾ بااثر شخصيت ڪمال خان مهر طرفان هڪ هوٽل مئنيجر سليم احمد تي تشدد ڪرڻ جو واقعو سامهون آيو آهي. واقعو جمعي ۽ ڇنڇر جي رات ان وقت پيش آيو جڏهن ڪمال خان مهر فون نه کڻڻ تي هوٽل پهچي مئنيجر تي تشدد ڪيو. وائرل ٿيل وڊيو ۾ صاف طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته ڪمال خان مهر مئنيجر کي مارڪٽ ڪندي ۽ کيس کنڀڻ جي ڪوشش ڪندي نظر اچي رهيو آهي. هوٽل مئنيجر سليم احمد ٻڌايو ته ڪمال خان مهر مون کي فون ڪئي، پر ڪم ۾ مصروف هئڻ سبب ڪال نه کڻي سگهيس. جڏهن هو هوٽل تي آيو ته مون کي تشدد جو نشانو بڻايو.ڪمال خان مهر، صوبائي وزير محمد بخش خان مهر جو مامو آهي، جنهن تي هوٽل مئنيجر طرفان حملي جو الزام لڳايو ويو آهي. جڏهن ته ڪمال خان مهر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي واقعي جي تصديق ڪندي لکيو آهي هوٽل مئنيجر جيڪڏهن غلط ڳالهائيندو ته هو اهڙي عمل جو ئي حقدار آهي. هوٽل مئنيجر مٿان تشدد وارو واقعو صوبائي وزير محمد بخش مهر جي ٻن مامن غلام رسول ۽ ڪمال مهر سميت 9 جوابدارن مٿان ميرپورماٿيلو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ڪيس جي فريادي هوٽل مئنيجر ايف آئي آر ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدارن هوٽل تي اچي مارڪٽ ڪئي ڏاڙهي ۾ هٿ وجهي تذليل ڪئي وئي آهي.