ميرپورماٿيلو: نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ شاهد جو بيان قلمبند: خالڊ لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جي چُرچ تي صحافي نصرالله کي قتل ڪيو ويو

   ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي گذري جنهن ۾ شاهد 164 جا بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو. سيڪنڊ سول جج ميرپورماٿيلو جي عدالت ۾ نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران شاهد يعقوب گڏاڻي 164 جو بيان قلمبند ڪرايو. شاهد عدالت کي بيان ڏيندي ٻڌايو ته شهيد صحافي کي پيپلز پارٽي جي ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن ميونسپل چيئرمين شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جي چُرچ تي قتل ڪيو ويو آهي قلمبند ڪرايل  بيان  چيو ويو آهي ته پ پ ايم اين اي خالد لنڊ جي پٽن شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ کي سرڪاري پروٽوڪول دوران شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي وڊيو رڪارڊنگ ڪندي سوشل ميڊيا تي ڏيکاري هئي جنهن تي هو تمام گهڻو ڪاوڙيل هئا. ڪجهه وقت اڳ خالد لنڊ ۽ سندس پٽن صحافي نصرالله گڏاڻي تي پنهنجي سيڪيورٽي گارڊ ذريعي سرڪاري پوليس پروٽوڪول ڏيکارڻ تي فائرنگ به ڪرائي هئي پنهنجي بيان ۾ شاهد يعقوب گڏاڻي چيو ته نصرالله گڏاڻي کي ايم اين اي خالد لنڊ جي چرچ تي قتل ڪيو ويو خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جي  موجودگي ۾ سندن گارڊز نصرالله مٿان فائرنگ ڪئي هئي. نصرالله گڏاڻي کي 11 مئي تي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن رستو روڪي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون. ٻئي پاسي شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پنهور صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته اڄ شاهد 164 جو بيان قلمبند ڪرائي ڇڏيو آهي. پوليس ايف آءِ آر ۾ جيڪي نالا ڏيڻ کان لنوائي رهي هئي شاهد اهي اڄ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيا آهن. هاڻي پيپلز پارٽي کي گهرجي ته هو سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪندي عام ماڻهوءَ جو آواز ايوانن تائين پهچائيندڙ صحافين سان گڏ بيهن ٿا يا ظالم وڏيري، چونڊيل ايم اين اي سان گڏ بيهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته شاهد هاڻي اصل جوابدارن جا نالا ٻڌائي ڇڏيا آهن، هاڻي آءِ جي جو ڪم آهي ته انهن کي جلد گرفتار ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪري.