واشنگٽن: جيڪڏهن توهان واٽس ايپ استعمال ڪندڙ آهيو ته سٺي خبر اها آهي ته تمام جلد ان ۾ چيٽ جي پي ٽي جهڙي آرٽيفيشل انٽيليجنس (اي آءِ) ٽيڪنالاجي تي ٻڌل چيٽ بوٽ جي واڌ ٿيڻ واري آهي.اهڙو اعلان ميٽا جي مالڪ مارڪ زڪربرگ طرفان ڪيو ويو آهي.
مارڪ زڪربرگ چيو ته ڪمپني طرفان تخليقي آرٽيفيشل انٽيليجنس ٽيڪنالاجي کي سروسز جو حصو بڻائڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطح جو پراڊڪٽ گروپ جوڙيو پيو وڃي.
ان حوالي سان واٽس ايپ ۽ ميسينجر لاءِ ٽيڪسٽ تي ٻڌل اي آءِ ٽولز جي آزمائش سان شروعات ٿيندي، جيڪا امڪاني طور چيٽ جي پي ٽي جيان چيٽ بوٽس هوندا.شروعات ۾ اهي بوٽس واهپيدارن لاءِ تفريح جو ذريعو هوندا پر ميٽا طرفان آهستي آهستي انهن کي ٻين شعبن جو حصو بڻايو ويندو.ميٽا طرفان انسٽاگرام ۾ اي آءِ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل فلٽرز ۽ اشتهاري فارميٽس جا تجربا به ڪيا پيا وڃن.اهڙا اي آءِ ٽول گهڻي عرصي کان موجود آهن پر ان ٽيڪنالاجي کي چيٽ جي پي ٽي جي ڪري تمام گهڻي مقبوليت حاصل ٿي آهي.مائڪرو سافٽ طرفان ان ٽيڪنالاجي کي بنگ سرچ انجڻ ۽ ايج برائوزر جو حصو بڻايو ويو آهي.ائين ئي گوگل طرفان بارڊ نالي چيٽ بوٽ متعارف ڪرايو پيو وڃي.ميٽا طرفان اهو اعلان حيران ڪندڙ ناهي، ڇو ته اها ڪمپني هڪ عرصي کان اي آءِ ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري رهي آهي، جڏهن ته مارڪ زڪربرگ جو ميٽاورس جو منصوبو به گهڻو ڪامياب ٿيندي نظر نه پيو اچي.