مڙس ۽ ڏيرن پاران موتمارڌمڪيون ملڻ خلاف ٽن ٻارن جي ماء سکر پريس ڪلب ٻاهران ڀائرن سان گڏ احتجاج ڪندي

سکر(بيورورپورٽ)مڙس ۽ ڏيرن پاران موتمارڌمڪيون ملڻ خلاف ٽن ٻارن جي ماء سکر جي شڪارپور ڦاٽڪ واري علائقي جي رهواسڻ عورت گلشن شيخ زال زاهد شيخ سکر پريس ڪلب ٻاهران ڀائرن احسان۔گلفام ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏ احتجاج ڪندي ٻڌايوو آهي ته سندس مڙس زاهد شيخ مٿس سخت تشدد ڪرڻ بعد هڪ سال اڳ چئن ٻارن سميت گهران ڪڍي ڇڏيو هو جنهن کانپوء هوء والدين وٽ رهندي هئي ظالم مڙس زاهد۔ ڏير وحيد۔جاويد ۽ انهن جو ڏوهاري دوست کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏين پيا جنهن سبب ماڪا ڳوٺ ڇڏي شڪارپور ڦاٽڪ واري علائقي ۾ رهون پيا پر اتي به مڙس ۽ ٻين پهچي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون آھن جنهن ڪري اسان جي حياتين کي جوابدارن مان خطرو آھي هنن آء جي سنڌ۔ڊي آء جي سکر۔ايس ايس پي سکر ۽ ٻين اختيارن کي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرائي انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي۔