نئون ديرو ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان ناريون مارجي ويون

نئون ديرو ويجهو ميرواهه کوکر ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 نوجوان ناريون مارجي ويون هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڪرن زال سڪندر کوکر ۽ نسيم زال يار محمد کوکر مارجي ويون آهن اهڙي اطلاع تي پوليس پهچي نارين جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، پوسٽ مارٽم بعد نارين جا مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو پوليس موجب واقعو کوکر برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان پيش آيو، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.