نئون ديرو ڀرسان ڪارنهن مامري تان جيها ۽ ڏاهاڻي برادري ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل

نئون ديرو ڀرسان ڪارنهن مامري تان جيها ۽ ڏاهاڻي برادري جي ڌرين ۾ هلندڙ خوني تڪرار ٻيهر ڀڙڪي پيو جننهن دوران ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا. جنهن سبب جيها ڌر جا 2 ڄڻا اياز حسين ۽ محمد حسن جيهو ٿڏي تي قتل ٿي ويا قتل ٿي ويل محمد حسن کي گولي لڳڻ بعد وارهه ڪئنال ۾ ڪري پيو جنهن جو لاش هٿ اچي ناهي سگهيو جنهن جي ڳولا جاري آهي جڏهن ته اياز علي جو لاش ڳوٺ ۾ پيل آهي. واقعي کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي واقعي جي اطلاع تي نئون ديرو پوليس ڳوٺ ابراهيم جي وانڍ پهچي وئي ان حوالي سان ايس ايڇ او نئون ديرو اسلام الدين جتوئي ٻڌايو آهي ته جيها ڏاهاڻي تڪرار تان واقعو پيش آيو آهي جنهن ۾ جيها ڌر جا 2 ڄڻا مارجي ويا آهن اسان واقعي واري هنڌ موجود آهيون پوليس موجب اياز علي ۽ محمد حسن وارهه ريگيوليٽر وٽ مڇي ماري رهيا هئا ته ڳوٺ پيارو ڏاهاڻي واسي ڏاهاڻي ڌر جي هٿياربندن مٿن فائرنگ ڪري ڏني جنهن ۾ ٻئي ڄڻا مارجي ويا آهن جنهن مان هڪ ڄڻو محمد حسن وارهه ڪئنال ۾ ڪري ٻڏي ويو آهي جنهن جي لاش جي ڳولا مقامي ٽوٻن جي مدد سان ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اياز علي جو لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي جنهن کي پوسٽ مارٽم لاءِ نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون