آءِ ايم ايف سربراهه چيو آهي ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان پنهنجو موجوده پروگرام ڪاميابي سان مڪمل ڪري رهيو آهي، نئين قرض پروگرام لاءِ پاڪستان جون ڳالهيون جاري آهن، اهم مسئلا حل ٿيڻ باقي آهن ائٽلانٽڪ ڪائونسل جي ٿنڪ ٽينڪ ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪرسٽالينا جارجيوا چيو ته پاڪستان گذريل 9 مهينن جي 3 ارب ڊالرز جي اسٽينڊ باءِ ارينجمينٽ جي ممڪن فالو اپ پروگرام بابت فنڊ لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو آهي هن چيو ته ملڪي معيشت ۾ بهتري اچي رهي آهي ۽ ڪرنسي جا ذخيرا هاڻي وڌي رهيا آهن، پاڪستان هڪ ممڪن فالو اپ پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف سان رابطي ۾ آهي، پاڪستان ۾ اڃا به ڪيترائي مسئلا آهن، جن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.