تفصيلن مطابق، وزيراعظم شهباز شريف جي جمعيت علماء اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان گذريل روز ملاقات جو احوال سامهون آيو. ذريعن موجب، مولانا فضل الرحمان اپوزيشن جي مطالبات وزيراعظم جي سامهون رکيا، جن ۾ هن نئين چونڊن جو مطالبو ٻيهر ڪيو. جے يو آءِ جي سربراهه چيو ته موجوده نظام ۽ سيٽ اپ کي نٿا مڃين، نئين چونڊون ڪرائي ڌاندلي جو داغ ڌويو وڃي، ۽ اسان اپوزيشن اتحاد جي موقف سان گڏ آهيون. وزيراعظم شهباز شريف فضل الرحمان کان تعاون طلب ڪيو، پر هو پنهنجي موقف تي قائم رهي. اهڙي صورتحال ۾ اپوزيشن جماعتن جي وچ ۾ رابطن ۽ ملاقاتن سبب حڪومت جي صفن ۾ هلچل پيدا ٿي آهي. اسد قيصر جي رهائشگاهه تي اپوزيشن جماعتن جي اجلاس ۾ فضل الرحمان جي شرڪت ۽ نئين چونڊن جي مطالبے کانپوءِ حڪومت پڻ سرگرم ٿي وئي. گذريل روز وزيراعظم شهباز شريف اچانڪ مولانا فضل الرحمان جي رهائشگاهه پهچي ويا، جتي ملاقات ۾ ملڪ جي تازو سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون.