نئين چونڊيل صدر آصف علي زرداري جي حلف برداري اڄ شام 4 وڳي ايوان صدر ۾ ٿيندي، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ نئين چونڊيل صدر کان حلف وٺندو گذريل ڏينهن پاڪستان پيپلز پارٽي جو آصف زرداري وڏي اڪثريت سان ملڪ جو چوڏهون صدر چونڊجي ويو هو، آصف زرداري 411 جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي 181 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪري سگهيو هو گذريل ڏينهن ٿيندڙ ووٽنگ ۾ آصف زرداري پارليامينٽ کان 255 ووٽ ورتا، جڏهن ته محمود اچڪزئي 119 ووٽ کڻي سگهيو، آصف زرداري کي پنجاب اسيمبلي مان 43 اليڪٽورل ووٽ مليا، جڏهن ته محمود اچڪزئي پنجاب اسيمبلي مان 18 ووٽ حاصل ڪري سگهيو سنڌ اسيمبلي مان آصف زرداري 58 ووٽ کنيا ۽ محمود اچڪزئي صرف 3 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. خيبرپختونخواهه اسيمبلي مان آصف زرداري 8 ووٽ حاصل ڪيا. جڏهن ته محمود اچڪزئي 41 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي بلوچستان اسيمبلي مان آصف زرداري 47 ووٽ کنيا جڏهن ته محمود اچڪزئي ڪوبه ووٽ حاصل نه ڪري سگهيو. وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف زرداري کي ٻيون ڀيرو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته آصف علي زرداري جو بطور صدر پاڪستان چونڊجڻ جمهوري قدم جو تسلسل آهي.