ناروي ۽ ارجنٽينا جون شاندار ڪاميابيون، هالينڊ ۽ ميسي جا شاندار ڪارناما

ناروي ۽ ارجنٽينا جون شاندار ڪاميابيون، هالينڊ ۽ ميسي جا شاندار ڪارناما

هڪ طرفي ۽ دلچسپ بين الاقوامي فٽبال ميچ ۾ Norway، Iraq کي 1 جي مقابلي ۾ 4 گولن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميچ جي شروعات کان ئي ناروي جي ٽيم مخالف تي حاوي رهي. ناروي جي اسٽار فٽبالر Erling Haaland بهترين راند جو مظاهرو ڪندي 2 گول ڪيا، جڏهن ته Leo Østigård هڪ گول ڪري ٽيم جي برتري وڌيڪ مضبوط بڻائي. عراق جي دفاعي قطار ناروي جي لڳاتار حملن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهي.عراق جي طرفان واحد گول Aymen Hussein ڪيو، پر اهو ٽيم کي شڪست کان بچائي نه سگهيو.ٻئي طرف فٽبال ورلڊ ڪپ 2026 جي هڪ ٻئي ميچ ۾ Argentina، Algeria کي 0-3 تان شڪست ڏني. ارجنٽينا جا سڀئي ٽي گول اسٽار فٽبالر Lionel Messi ڪيا.ميسي 17هين، 60هين ۽ 76هين منٽ ۾ گول ڪري ورلڊ ڪپ ۾ پنهنجي پهرين هيٽ ٽرڪ مڪمل ڪئي ۽ ٽيم جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔