نارو: شڪار لاءِ پهتل اوباش عرب شهزادن ٻن نوجوانن مٿان گاڏي چاڙهي ڇڏي

سوراه ٿاڻي جي حد نارو تعلقي ۾ سردين جي موسم ايندي ئي عرب شهزادا ناياب نسل تلور پکي جو شڪار ڪرڻ لاءِ اڇڙو ٿر جي ريگستان ۽ پهاڙي بيلٽ ۾ پهچي ويا آهن. عرب شهزادن جي گاڏين جي تيز رفتار ۽ شڪار جا رستا ٺاهڻ سبب ٿر ۾ رهندڙ قديمي مسڪين ماڻهن لاءِ ڌرتي تنگ ٿي وئي آهي، اوباش عرب نوجوانن جون تيز رفتار گاڏيون ٻن ٿري نوجوانن 25 سالا غلام سرور پٽ مير مڱريو ۽ 35 سالا بهرام مڱريو جي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويون، اکين ڏٺن شاهدن موجب عرب شهزادن جون تيز رفتار گاڏيون هڪ ڪلوميٽر تائين ٻنهي نوجوانن کي گهلينديون ويون، جنهن سبب هڪ نوجوان غلام سرور ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته بهرام مڱريو شديد زخمي ٿي پيو وارثن جي دانهن ۽ رڙين تي عرب شهزادن جي راکن پهچي فوتي نوجوان جو لاش ۽ زخمي کي کڻي پهريان عرب شهزادن جي پيلس تي پهچايو بعد ۾ کين چونڊڪو اسپتال آندو ويو، اسپتال جي ڊاڪٽرن فوتي نوجوان جو لاش پوسٽ مارٽم بعد سندس پيءُ مير مڱريو حوالي ڪيو، جڏهن ته زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي فوتي نوجوان جي وارثن پاران چونڊڪو شهر جي مک چوڪ ۽ اسپتال اڳيان لاش رکي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا ان سلسلي ۾ مظاهرين مير مڱريو،نواب، هاشم، ابوبڪر، حسن مڱريو، احمد مڱريو ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي گهرن اڳيان ڏينهن ڏٺي جو عرب شهزادن جي اوباش نوجوانن جون تيز رفتار گاڏيون اسان جي نوجوانن جي موٽرسائيڪل مٿان چڙهي ويون هڪ ڪلوميٽر تائين نوجوان گاڏين هيٺان گهلجي رهيا هئا پر هنن ظالمن گاڏين کي بريڪ نه هنيو جنهن سبب هڪ ڳڀرو نوجوان غلام سرور مڱريو فوت ٿي ويو، جنهن جي هڪ ڏينهن بعد شادي ٿيڻي هئي، جڏهن ته بهرام شديد زخمي ٿي پيو، سندس حياتي بچڻ جي اميد ناهي عرب شهزادن جي گاڏين مان لهڻ وقت اسين سندن واٺي اسد شر کي سڃاتو آهي، جنهن هي اسان سان ظلم ڪيو آهي اسين چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف، حرن جي روحاني پيشوا پيرپاڳاري سميت وقت جي حاڪمن کي اپيل ٿا ڪيون ته هن مسئلي جو نوٽيس جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي هوڏانهن پوليس مڪمل طور بيوس نظر اچي رهي آهي فوتي جي وارثن جي ڪابه قانوني مدد ڪرڻ کان ڪيٻائي رهي آهي، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي پيرپاڳاري جي نائب مک فقيراميربخش ڳاهو مظاهرين وٽ پهچي کين هر قانوني مدد جو يقين ڏياري لاش کڻائي احتجاجي ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ فوتي جا وارث روئيندا لاش کڻي گهر روانا ٿي ويا.