کنڊ جي ذخيرن جي چوڌاري دائرو تنگ ٿيڻ لڳو. ميڊيا رپورٽن موجب ناڻي واري وزارت ۽ ايف بي آر کنڊ جي اگهن ۾ واڌ تي ايڪشن وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان ايف بي آر سمورين شگر ملن جي گيٽس تي ٽيمون مقرر ڪري ڇڏيون آهن. فوڊ سڪيورٽي ذريعن موجب کنڊ جي ذخيره اندوزي تي 40 ارب رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي، ناڻي واري وزارت به اسمگلرن خلاف ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته افغانستان ۽ ايران جي بارڊر چيڪنگ ۾ واڌ ڪئي وئي آهي ذريعن موجب افغانستان ۽ ايران بارڊر تي اسمگلرز جي آمد و رفت روڪڻ لاءِ ڳجهن ادارن جي مدد ورتي پئي وڃي ياد رهي ته گذريل ڏينهن فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت کنڊ جي اگهن ۾ واڌ کي مصنوعي قرار ڏنو هو. فوڊ سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جو ذخيرو ۽ اسمگلنگ قيمتن ۾ واڌ جو وڏو سبب آهي ملڪ ۾ کنڊ جا ذخيرا 1.815 ملين ميٽرڪ ٽن آهن، جڏهن ته کنڊ جو ماهوار استعمال 0.65 ملين ميٽرڪ ٽن آهي. فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت جي عملدارن چيو آهي ته ملڪ ۾ کنڊ جا ذخيرا ايندڙ ڪرشنگ سيزن لاءِ ڪافي آهن. هن سال جنوري ۾ کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو به قيمتن ۾ واڌ جو سبب بڻيو، کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ملڻ سان کنڊ جي صنعت فائدو ورتو. اختيارين جو چوڻ آهي ته هن سال جنوري ۾ کنڊ جو اگهه 85 کان 90 رپيا في ڪلو هو، کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ به قيمتن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. فوڊ سيڪيورٽي واري وزارت لاڳاپيل ادارن کي سمگلنگ خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي.