پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو عيد ميلاد النبي جي موقعي تي پيغام ۾ عيد ميلادالنبي صلي الله عليه وآله وسلم جي موقعي تي امت مسلمه کي مبارڪباد ڏني چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم سموري انسانيت لاءِ تعليمات، روايتن ۽ اصولن جو خزانو ڇڏي ويو آهي نبي ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جي تعليمات تي عمل ڪري زندگي بهتر بڻائي سگهجي ٿي، پيغمبر اسلام دنيا کي معاف ڪرڻ، ظلم ۽ ناانصافي خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ معاشري ۾ برابري ۽ انصاف قائم ڪرڻ جو درس ڏنو. حضرت محمد صلي الله عليه وآله وسلم جو پيغام انسانيت لاءِ هميشه مشعل راهه رهندو اڄ ان عزم جو ڏينهن آهي ته اسان انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بهتري لاءِ پنهنجي پياري نبي صلي الله عليه وسلم جي تعليمات تي عمل ڪنداسين اڄ عهد ڪريون ته ڀائيچاري، رواداري، محبت، امن ۽ برابري جي درس تي پوري سچائي سان عمل ڪنداسين، منهنجي دعا آهي ته خدا اسان سڀني کي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي تعليمات مطابق زندگي گذارڻ جي توفيق عطا فرمائي.