نوابشاهه ڀرسان تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ باغ خان زرداري ۾ سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ سبب ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. خبر موجب نواب شاهه تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ باغ خان زرداري م سڱاوتي تڪرار تان جھيڙو ٿيو جنهن دوران هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ شريفه بيبي ، ثانيه بيبي، دادلو زرداري گوليون لڳڻ سبب ٿڏي تي مارجي ويا.ان موقعي تي فائرنگ سبب مارجي ويل دادو زرداري جي ڀاءُ راحب زرداري صحافين سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان جو سڱاوتي تڪرار ھيو ، اسان پنھجن نيڪ مردن ڏي ھلي ويا سين ته اسان جو مسئلو حل ڪرائي ڏيو پر ڪنھن بہ اسان جي نه ٻڌي، جنهن جي ڪري هي واقعو پيش آيو. ھن چيو ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.